جيوترام ويڙهومل مٽائي

جيوترام ويڙهومل مٽائي: ٺارو شاهه جي مٽائي هندن جي پاڙي مان جيوترام ويڙهو مل صوفي ۽ درويش صفت انسان 1885ع ڌاري ڄائو هو. شروعات ۾ حيدرآباد جي نو ودياليه اسڪول ۾ ماستر ٿيو. جتي سيد قطب علي شاهه جهانيان واري سان قرب ٿيس، جنهن سندس روح کي رڱي وڌو. هيءُ طالب علميءَ واري وقت کان وٺي سائين قطب شاهه جي خدمت ۾ رهندو هو ۽ اتي فيض حاصل ڪندو رهيو. 1914ع ۾ ’هڪ لڪل لعل‘ نالي سنڌيءَ ۾ ڪتاب شايع ڪرايائين، جنهن ۾ جهانيان خاندان جي هڪ بزرگ سيد مير غلام عباس شاهه ولد سيد روشن علي شاهه جي سوانح حيات ۽ سندس اقوال زرين لکي پنهنجي عقيدت جو اظهار ڪيائين. جيوترام 21 آگسٽ 1914ع تي 74 ورهين جي ڄمار ۾ ٽنڊي جهانيان ۾ لاڏاڻو ڪيو. صوفي قطب علي شاهه جيوترام لاءِ هيٺيون بيت چيو:
ســدا هـجـيــن جـيـئرو، جـيـئن جيتارام،
وڏي هجيئي حياتي، سدا هجين سان نام،
پيهـي ڏس پـاڻ، تـه انـدر ۾ اثبات ٿيئي.
اڳتي هلي سندس فرزند ويسو مل جيوترام (وي. جي مٽائيءَ) ’جهانيان خاندان‘ تي ڪتاب لکيو، جنهن جا انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ ٻه ڇاپا ڇپايا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو